ڄام تماچي انڙ

ڄام تماچي انڙ

ڄام تماچي انڙ

ڄام تماچي انڙ: پ. پ اڳواڻ سردار ڄام تماچي اُنڙ، مشهور سماجي ۽ سياسي اڳواڻ، سماٽ قبيلي جي سردار فقير رئيس رسول بخش اُنڙ جو فرزند آهي. سندس جنم موجوده دولتپور تعلقي، ضلعي نوابشاهه (موجوده بينظيرآباد) ۾ 16 آگسٽ 1954ع تي ٿيو. هن بي. اي تائين تعليم نوابشاهه مان حاصل ڪئي. سندس والد پهرين مارچ 1970ع تي، پنهنجي حياتيءَ ۾ ئي کيس سرداريءَ جي پڳ ٻڌائي، اُن موقعي تي هڪ تاريخي اجتماع ٿيو هو.
سردار ڄام تماچيءَ سياست جي شروعات 1982ع کان ڪئي ۽ پاڪستان جو ننڍي ۾ ننڍو مجلس شوريٰ جو ميمبر منتخب ٿيو. 1984ع ۾ اقوام متحده ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪيائين ۽ اقوام متحده جي جنرل اسيمبليءَ کي خطاب ڪندڙن ۾ سڀ کان ننڍيءَ عمر وارو مقرر هو.
سردار تماچي انڙ'>ڄام تماچي انڙ 1985ع ۾، محمد خان جوڻيجي (وزيراعظم) جي دور ۾ سنڌ مان سينيٽ جو ميمبر چونڊيو، ۽ ان وقت پاڪستان جي تاريخ جو ننڍيءَ عمر وارو پهريون سينيٽر هو. 1988ع ۾ پاڪستان پيپلز پارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي ايم. پي. اي چونڊيو. 1996ع ۾ ٻيو ڀيرو اقوام متحده جي جنرل اسيمبليءَ ۾ شرڪت ڪيائين. 2002ع جي چونڊن ۾ ايم. پي. اي چونڊيو. اهڙيءَ طرح 2008ع جي چونڊن ۾ پي. ايس. 28، نوابشاهه-5 تان پيپلز پارٽيءَ جي ٽڪيٽ تي صوبائي اسيمبليءَ جو ميمبر ٿيو. اسيمبليءَ ۾ سنڌ جي مسئلن تي ڳالهائڻ وارن ميمبرن ۾ سندس شمار ٿئي ٿو. گذريل ڪجهه سالن کان سنڌ اسيمبليءَ جي پبلڪ اڪائونٽس ڪميٽيءَ (PAC) جو چيئرمئن آهي.
سردار ڄام تماچي گذريل 30 سالن کان پنهنجي علائقي ۾ مفت اکين جي ڪئمپن لڳائڻ، غريب بيمارن جي علاج ڪرائڻ، يتيمن ۽ نادارن جي مدد ڪرڻ ۽ علائقي ۾ ترقياتي ڪم ڪرائڻ جي سلسلي ۾ اڳڀرو رهيو آهي.


لفظ ڄام تماچي انڙھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1954.08.16  عيسوي

ڄام تماچي انڙ جو جنم موجوده دولتپور تعلقي، ضلعي نوابشاهه (موجوده بينظيرآباد) ۾ 16 آگسٽ 1954ع تي ٿيو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

بهرام سھراب رستم جي
ابڙو محمد سليمان سليم
سراج ڪمانگر
رحمان قلي چرڪس
دين محمد سيد
ڪمار شاهاڻي
علي احمد جمالي
راڄن شاهه ماٽائي
تماچي
دريا خان کوسو
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون